اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) مارگلا هلز نيشنل پارڪ ۾ ڪمرشل سرگرمين ۽ هائوسنگ سوسائيٽي بابت ڪيس ۾ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪابينا سيڪريٽري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته سيڪريٽري ڀاءَ کي بچائڻ لاءِ الزام وزيراعظم تي مڙهي ڇڏيو.
مارگلا هلز نيشنل پارڪ ۾ڪمرشل سرگرمين ۽ هائوسنگ سوسائيٽي بابت ڪيس جي ٻڌڻي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪئي، ان سلسلي ۾ڪابينا سيڪريٽري ڪامران علي افضل ساهي عدالت ۾ پيش ٿيو.
ٻڌڻي دوران چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪابينا سيڪريٽري ڪامران علي افضل ساهي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڇو نه اوهان تي فرد جرم لاڳو ڪريون، سچ ٻڌايو وائلڊ لائيف کاتي جي نوٽيفڪيشن پٺيان ڪنهن جو هٿ آهي؟ ڪنهن جي چوڻ تي نوٽيفڪيشن جاري ٿيو؟
ڪابينا سيڪريٽري چيو ته کيس معاملي جي ڄاڻ ناهي، وائلڊ لائيف چيئرمين جي تبديلي جو حڪم وزيراعظم جاري ڪيو.
جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏنا ته ڪابينا سيڪريٽري ڀاءَ کي بچائڻ لاءِ الزام وزيراعظم تي مڙهي ڇڏيو، مارگلا هلز بابت حڪم کانپوءِ سپريم ڪورٽ خلاف پروپيگنڊا شروع ٿي وئي، جڏهن ڌرين جي رضامندي سان حڪم جاري ٿيو ته پوءِ پروپيگنڊا ڪير ڪري رهيو آهي؟
چيف جسٽس ڪابينا سيڪريٽري کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان جو ڀاءَ لقمان علي افضل ڪٿي آهي؟ جنهن تي ڪابينا سيڪريٽري جواب ڏنو ته کيس خبر ناهي ته هو ڪٿي آهي.
“ڪابينا سيڪريٽري ڀاءَ کي بچائڻ لاءِ الزام وزيراعظم تي مڙهي ڇڏيو“ چيف جسٽس جا رمارڪس
You might also like