فيس بڪ، واٽس ايپ، انسٽاگرام سورسز متاثر، پي ٽي اي خاموش، سائبر حملن جو خطرو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ سوشل ميڊيا ۽ آن لائن ڪميونيڪيشن سروسز ۾ خلل سبب سڄي ملڪ ۾ واهپيدارن کي واٽس اپ، فيس بڪ، انسٽاگرام سميت مختلف سوشل ميڊيا ايپس استعمال ڪرڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن، جڏهن ته پاڪستان ۾ سرڪاري ادارن، وڏن ادارن تي سائبر حملن جو خطرو آهي.

تعليمي ادارن، يونيورسٽين، ننڍين صنعتن، اي ڪامرس، صحت ۽ خانگي ادارن کي خبردار ڪيو ويو آهي ته اهي فوري طور تي احتياطي اپاءَ وٺن.

ذريعن موجب آڊيو، وڊيوز جي اپ لوڊ ۽ ڊائون لوڊنگ ۾ اڻ اعلانيل رنڊڪون اچي رهيون آهن.

راولپنڊي، اسلام آباد، لاهور، ڪراچي، بهاولپور، اوڪاڙه، گوجرانوالا سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ وي پي اين استعمال ڪندڙن کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

پي ٽي اي ۽ موبائيل ۽ انٽرنيٽ سروس فراهم ڪندڙ ادارن جي طرفان مسلسل خاموشي اختيار ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.