ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هن سال جو ٻيو سڀ کان طاقتور شمسي طوفان اڄ زمين سان ٽڪرائجي ويو آهي.
يو ايس نيشنل اوشيئنڪ اينڊ ايٽموسفيرڪ ايڊمنسٽريشن (NOAA) موجب، سومر تي هڪ طاقتور شمسي طوفان ڌرتيءَ سان ٽڪرائجي ويو، جنهن سبب ڏکڻ ويڪرائي ڦاڪن ۾ رات جي وقت اتر جون روشنيون ڏسڻ ۾ اچي رهيون آهن.
ايجنسي چيو آهي ته G4 سطح جا اثر آهن ڌرتيءَ تي شمسي طوفان ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين هلي سگهي ٿو، پر هاڻ ان ۾ شدت اچڻ جي اميد ناهي.
ايجنسي جو چوڻ آهي ته شمسي طوفان جي ڪري آمريڪي رياست الاباما ۽ ڪيليفورنيا جي اترين حصي ۾ به رات جي وقت آسمان ۾ اترين روشنين جا خوبصورت نظارا نظر اچن ٿا، ڌرتيءَ جي مقناطيسي ميدان سبب اهي ذرا ڌرتيءَ سان ٽڪرائجن ٿا.
ايجنسي وڌيڪ چيو ته شمسي طوفان سبب جي پي ايس، اسپيس ڪرافٽ، سيٽلائيٽ ۽ ٻيون ٽيڪنالاجيون متاثر ٿي سگهن ٿيون.
هلندڙ سال مئي ۾ سڀ کان وڌيڪ طاقتور شمسي طوفان زمين سان ٽڪرائجي ويو هو جنهن سبب آمريڪا، يورپ ۽ آسٽريليا ۾ ناردرن لائٹس جا خوبصورت نظارا ڏسڻ ۾ آيا هئا.