عليحدگي جون خبرون، اڀيشيڪ بچن نيٺ خاموشي ٽوڙي ڇڏي

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ اداڪار اڀيشيڪ بچن گهرواري اداڪارا ايشوريا راءِ سان عليحدگي جي خبرن تي نيٺ خاموشي ٽوڙي ڇڏي.
ڀارتي اخبار ٽائمز آف انڊيا جي رپورٽ موجب، اڀيشيڪ بچن ويجهڙ ۾ مقامي ميڊيا کي انٽرويو ڏنو جنهن دوران کائنس ڊگهي عرصي کان ميڊيا توڻي سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ طلاق جي خبرن بابت سوال ڪيا ويا.
اداڪار سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته اهڙي قسم جي خبرن تي تبصرو ڪرڻ لاءِ وٽس ڪجهه ڪونهي، هتي خبرون ٽوڙي مروڙي پيش ڪيون وينديون آهن ۽ مان سمجهي سگهان ٿو ته ائين ڇو ٿيندو آهي.
هن چيو ته ميڊيا کي پنهنجي ويب سائيٽ يا اخبارن لاءِ اسٽوريز گهربل هونديون آهن، ڪا ڳالهه ناهي اسان مشهور شخصيتون آهيون ۽ اسان کي اِهو سڀ برداشت ڪرڻو پوندو.
اڀيشيڪ بچن ان دوران پنهنجي شادي جي مُنڊي ڏيکاري ۽ چيوته مان اڃا تائين شادي شده آهيان .
واضح رهي ته جوڙي جي عليحدگي جون خبرون گذريل هڪ سال کان گردش ڪري رهيون آهن، انهن خبرن ان وقت وڌيڪ زور پڪڙيو جڏهن ٻنهي مڪيش امباڻي جي ننڍي پٽ اننت امباڻي جي شادي ۾ ڌار ڌار شرڪت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.