وزيراعظم جو ڏهه لک شاگردن کي سمارٽ فونز ڏيڻ جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف ميرٽ تي ڏهه لک شاگردن کي سمارٽ فونز ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
وزيراعظم شهباز شريف اسلام آباد ۾ نوجوانن جي عالمي ڏهاڙي جي مناسبت سان ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اي آءِ اڄ جي دور ۾ تعليم جو جديد ترين هٿيار آهي اهڙي طرح آءِ ٽي جي تعليم به آهي.
شهباز شريف چيو ته پاڪستان جي ترقيءَ لاءِ نوجوانن کي اڳتي اچڻو پوندو، اسان سمورا خرچ ختم ڪري وسيلا اوهان جي قدمن تي نڇاور ڪري ڇڏينداسين.
هن چيو ته دانش اسڪول ۾ موجود ٻارن جو تعلق غريب طبقي سان آهي، هڪ پاسي ڪروڙين اهڙا ماڻهو آهن جن کي نياڻين جي شاديءَ لاءِ قرض وٺڻو پوندو آهي ۽ هو اِهو قرض ناهن لاهي سگهندا ٻئي پاسي اهڙا به ماڻهو آهن جيڪي پرڏيهه ۾ شاديون ڪندا آهن، هتي برابري ناهي .
وزيراعظم چيو ته نوجوانن کي جيڪڏهن صحيح وسيلا فراهم ڪيا ته هو ملڪ جي ترقي يافته بڻائي ڇڏيندا. انڪري ليپ ٽاپ اسڪيم جاري آهي، اڄ اعلان ڪيان ٿو ته ڏهه لک شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ميرٽ تي سمارٽ فونز ڏنا ويندا ته جيئن هو ٽيڪنالوجي مان لاڀ حاصل ڪري سگهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.