بالي ووڊ جي مهانگي ترين فلم ” ڪنگووا “ جي ٽريلر ٿرٿلو مچائي ڇڏيو

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ اسٽار بوبي ديول ۽ ڏکڻ ڀارتي سپر اسٽار سوريا جي ميگا ايڪشن فلم “ ڪنگووا “ جي ٽريلر رليز ٿيندي ئي ٿرٿلو مچائي ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، ڪنگووا جو ٽريلر هدايتڪار شيوا جي جنم ڏڻ جي موقعي تي رليز ڪيو ويو آهي.
فلم جي ٽريلر مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ” ڪالڪي 2898“ ۽ ” باهو بلي “ کانپوءِ هڪ ٻئي سائوٿ بلاڪ بسٽر فلم بالي ووڊ ۾ ڌماڪيدار انٽري ڏيڻ لاءِ تيار آهي.
ڪنگووا هلندڙ سال جي سڀ کان مهانگي فلم آهي ۽ ان جي بجيٽ جو ڪاٿو 350 ڪروڙ لڳايو ويو آهي جيڪو ” پشپا ٽو “ جي بجيٽ کان به وڌيڪ آهي.
فلم کي ست مختلف ملڪن ۽ ڀارت جي مختلف رياستن ۾ شوٽ ڪيو ويو آهي ته جيئن قديم انساني دور کي اصل سورت ۾ ڏيکاري سگهجي.
ايڪشن منظرن شاندار سئنما ٽو گرافي لاءِ هالي ووڊ انڊسٽريءَ جي ٽيڪنيڪل ماهرن جي سپورٽ حاصل ڪئي وئي آهي ۽ ٽريلر ۾ سندن محنت نظر اچي رهي آهي.
فلم جي ٽريلر ۾ جنگ جي منظرن کي فلمايو ويو آهي، فلم ڏهه آڪٽوبر تي ڀارت سميت سموري دنيا ۾ رليز ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.