دبئي ( ويب ڊيسڪ ) انگلينڊ ٽيم جي فاسٽ بالر گس ايٽڪنسن ۽ سريلنڪا وومين ٽيم جي ڪپتان چماري اٿاپٿو آءِ سي سي پليئر آف دي منٿ جو اعزاز ماڻي ورتو.
جولاءِ ۾ ويسٽ انڊيز خلاف ٽيسٽ سيريز ۾ انگلش فاسٽ بالر گس ايٽڪنسن بهترين بالنگ ڪئي هئي، هن ٽيسٽ سيريز ۾ 16 ڏهائي 22 جي ايوريج سان 22 وڪيٽون حاصل ڪيون.
لارڊز جي تاريخي ميدان تي گس ايٽڪنسن پنهنجي ڊيبيو ٽيسٽ ميچ ۾ 45 رنز ڏئي 7 وڪيٽون پنهنجي نالي ڪيون.
سريلنڪن وومين ٽيم جي ڪپتان چماري اٿاپٿو پنهنجي شاندار بيٽنگ ذريعي ٽيم کي وومين ايشيا ڪپ جو ٽائٽل کٽرايو.
سريلنڪن وومين ٽيم ايشيا ڪپ جي فائنل ۾ ڀارت کي شڪست ڏئي ايونٽ جو ٽائٽل پهريون ڀيرو پنهنجي نالي ڪيو هو.
چماري اٿاپٿو ايونٽ ۾ 146 ڏهائي 85 جي اسٽرائيڪ ريٽ سان ڪُل 304 رنسون اسڪور ڪيون جنهن ۾ سندس 119 رنسن جي اننگز پڻ شامل هئي.
You might also like