فيض حميد جي معاملي تي راڻا ثناءُ الله جو ردعمل سامهون اچي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سياسي معاملن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته فيض حميد کي تحويل ۾ وٺڻ ۽ ڪورٽ مارشل جو قدم پاڪ فوج جو احترام ۽ عزت وڌائيندو.
نجي ٽي وي چئنل سان گفتگو ۾ راڻا ثناءُ الله چيو ته فيض حميد خلاف ڪجهه شيون ثابت ٿي چڪيون هونديون، تنهن ڪري کيس فوجي تحويل ۾ ورتو ويو.
هن چيو ته ڪورٽ مارشل جي عمل کي فوجي طريقي ڪار موجب اڳتي وڌڻو آهي، فيض آباد ڌرڻي جي معاهدي ۾ فيض حميد جون صحيحون آهن، يقينن انڪوائري جي عمل ۾ اهي شيون شامل هونديون، فيض آباد ڌرڻي ۾ ماڻهن کي مينيج ڪري ويهاريو ويو هو.
سندس چوڻ هو ته فيض آباد ڌرڻي ۾ ماڻهن کي کڻڻ ۾ فيض حميد جو ڪردار هو، سپريم ڪورٽ جو هائوسنگ سوسائٽي بابت حڪم هو، هائوسنگ سوسائٽي جي حوالي سان انڪوائري ٿي، اسان کي ان معاملي ۾ ان ئي حد تائين محدود رهڻ گهرجي.
راڻا ثناءُ الله چيو ته ڪيتريون ئي بي ضابطگيون هائوسنگ سوسائٽي جي حوالي سان ئي سامهون آيون هونديون، ٻين معاملن ۾ انڪوائري ٿي آهي ته شيون سامهون اچي وينديون، اسان کي آءِ ايس پي آر جي بيان تائين محدود رهڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.