ڍاڪا ( ويب ڊيسڪ ) بنگلاديش وومين ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ 2024 جي ميزباني جا حق برقرار رکڻ لاءِ گڏيل قومن سان رابطو ڪندو.
ڪرڪ انفو جي رپورٽ موجب، بنگلاديش جي عبوري حڪومت ۾ نوجوانن ۽ راندين وارن معاملن بابت صلاحڪار آصف محمود چيو ته هو گڏيل قومن سان انهن ملڪن بابت ڳالهائيندو جن پنهنجي شهرين جي بنگلاديش وڃڻ تي سفري پابنديون مڙهي ڇڏيون آهن.
10 آگسٽ تي آءِ سي سي بورڊز کي آگاهه ڪيو هو ته هو بنگلاديش جي صورتحال نظر رکيون ويٺا آهن ۽ ٽورنامينٽ ٻئي هنڌ منتقل ڪرڻ سميت سمورا آپشنز غور هيٺ آهن.
آسٽريليا، برطانيا، ڀارت ۽ نيوزيلينڊ جون حڪومتون پنهنجي شهرين کي بنگلاديش جو سفر نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
بي سي بي سفري پابندين کي ٽورنامينٽ جي ميزباني ۾ سڀ کان وڏي رنڊڪ سمجهي ٿو، ڇو ته سندس پابندين کي رڳو لاڳاپيل حڪومتون ئي هٽائي سگهن ٿيون ۽ ڪرڪيٽ بورڊز جو انهن تي تمام گهٽ اثر رسوخ آهي.
آصف محمود چيو ته سيڪيورٽي ۽ انفراسٽرڪچر جي حوالي سان ڪجهه مسئلا آهن ۽ اسان ان سلسلي ۾ بنگلاديش جي عبوري حڪومت جي چيف ايڊوائزر پروفيسر يونس سان رابطو ڪيو ويندو، هو راندين سان محبت ڪرڻ وارن مان آهي ۽ اميد آهي ته هو ان معاملي کي حل ڪندو.
You might also like