نيب ريفرنس: شاهد خاقان کي وڏو رليف ملي ويو

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي جي احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي خلاف پي ايس او ۾ مبينا غيرقانوني ڀرتين واري ڪيس ۾ نيب طرفان ريفرنس واپس وٺڻ جي درخواست منظور ڪري ورتي.
ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ پي ايس او ۾ مبينا غيرقانوني ڀرتين واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
عدالت نيب اختيارين جي ريفرنس واپس وٺڻ جي درخواست منظور ڪري ورتي ۽ ريفرنس نيب چيئرمين کي واپس موڪلڻ جو حڪم ڏنو.
نيب اختيارين موجب، شاهد خاقان عباسي ۽ ٻين تي اڳوڻي ايم ڊي پي ايس او جي غيرقانوني مقرري، اختيارن جو ناجائز استعمال ۽ قومي ناڻي کي نقصان پهچائڻ جو الزام هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.