پيرس ( ويب ڊيسڪ ) پيرس اولمپڪس ۾ گيمز جي پڄاڻي سان گڏ پاڪستان ميڊلز ٽيبل تي ڀارت کان گوءِ کڻي ويو.
راندين جو سڀ کان وڏو ميلو پيرس اولمپڪس 2024 گذريل رات رنگا رنگ تقريب سان پنهنجي پڄاڻي تي پهتو، ميگا ايونٽ ۾ 206 ملڪن حصو ورتو.
اولمپڪ اسٽيڊ ڊي فرانس ۾ ٿيل رنگا رنگ اختتامي تقريب دوران مختلف ملڪن جي ايٿيليٽس پنهنجي ملڪ جو پرچم هٿ ۾ کڻي شريڪ ٿيا ۽ مارچ پاسٽ ڪيو ان کانپوءِ فنڪارن تقريب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.
پيرس اولمپڪس ۾ آمريڪي ايٿليٽس ڇانيل رهيا، آمريڪا مختلف مقابلن ۾ چاليهه گولڊ ميڊل حاصل ڪيا.
آمريڪا 44 سلور ۽ 40 پتل جي ٻلن سان مجموعي طور تي 126 ميڊلز سان گيمز ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي.
چين جو 40 گولڊ ميڊل، 27 چاندي ۽ 24 پتل جي ٻلن سان مجموعي طور 91 ميڊلز حاصل ڪري ٻيو نمبر رهيو جڏهن ته جپان ويهه گولڊ ميڊلز سميت مجموعي طور تي 45 ميڊلز کٽي ٽين پوزيشن ماڻي.
پاڪستان جي ست اٿيليٽس پيرس اولمپڪس ۾ حصو ورتو ۽ رڳو هڪ گولڊ ميڊل حاصل ڪيو، اِهو ميڊل جيولين ٿرو ۾ ارشد نديم کٽيو.
هڪ گولڊ ميڊل کٽي پاڪستان پيرز اولمپڪس جي ميڊلز ٽيبل تي 62 هين نمبر تي رهيو، جڏهن ته ڀارت جي 117 رڪني دستي گيمز ۾ 6 ميڊلز سان 71 هين پوزيشن ماڻي.
واضح رهي ته اولمپڪس ۾ ميڊلز ٽيبل تي درجا بندي گولڊ ميڊل جي حساب سان ٿيندي آهي، جيڪڏهن ڪو ملڪ پتل ۽ چاندي جا ڏهه ميڊلز به کٽيندو پر هڪ به گولڊ ميڊل حاصل نه ڪري ته اِهو ٽيبل تي هڪ گولڊ ميڊل کٽيندڙ ملڪ کان هيٺ ئي رهندو.
Prev Post
You might also like