ڪراچي (رپورٽر ) پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جي جنرل سيڪريٽري جي ڊي اي جي اطلاعات سيڪريٽري سردار عبدالرحيم چيو آھي ته پاڪستان م رھندڙ تمام غيرمسلم قومون اسان جي جان ء شان آھن، عالمي ڏينھن جي موقعي تي پنھنجي جاري بيان هن چيو ته سنڌ م رھندڙ سمورا اقليتي اسان جا ڀائر آھن ،حرن جي روحاني پيشوا پيرصاحب پاڳاري سدائين اقليتن جي حقن جي ڳالھ ڪئي آھي ھن چيو ته بدقسمتي سان سنڌ جي ڪرپٽ حڪمرانن جي نااھلي ۽بدديانتي سبب سنڌ ۾ صدين کان رھندڙ اسان جا ھندو ڀائر عدم تحفظ جو شڪار آھن،انھن تي ظلم ڏينھون ڏينھن وڌندا پيا وڃن،ڀنگ عيوض وڌندڙ اغوائن جي وارداتن سبب ھندو سنڌ مان لڏپلاڻ ڪري رھيا آھن ، معصوم ٻارڙي پريا ڪماري کي اغوا ٿئي ڪئي سال گذري چڪا آهن ،حڪمران اغوا ڪارن جو تحفظ ڪري رھيا آھن جنھن ڪري ھندو برادري سخت مايوسي جو شڪار ٿي وئي آهي.