نئين دهلي عورتن لاءِ غير محفوظ ترين شهر آهي: تاپسي پنو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا تاپسي پنو انڪشاف ڪيو آهي ته ڀارتي تخت گاهه نئين دهلي عورتن لاءِ سڀ کان وڌيڪ غير محفوظ شهر آهي.
هڪ تازي انٽرويو ۾ اداڪارا انڪشاف ڪيو ته دهلي جا رهائشي والدين پنهنجي ڌيئرن کي سج لٿي کان اڳ گهر اچڻ جي هدايت ڪندا آهن، جڏهن ته ٻين شهرن ۾ ائين ناهي.
هن چيو ته مان پاڻ دهلي جي آهيان، تنهن ڪري سمجهندي هيس ته هر شهر ۾ ائين ٿيندو هوندو پر جڏهن مون کي ٻين شهرن ۾ رهڻ جو موقعو مليو ته خبر پئي اتي ائين ناهي هوندو.
سندس چوڻ هو ته مان فلمي سيٽ تي پاڻ کي ڪڏهن غير محفوظ ناهي سمجهيو پر ڪيترين ئي اداڪارائن سيٽ تي هراساني کي منهن ڏنو.
تاپسي پنو انڪشاف ڪيو ته هڪ ڀيري مذهبي تهوار دوران رش ۾ مان جنسي هراساني جو شڪار ٿي هيس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.