يوٽيوب وڊيوز سچ يا ڪوڙ؟ هاڻي اوهان پاڻ فيصلو ڪري سگهو ٿا

يوٽيوب ۾ هڪ اهڙو نئون فيچر متعارف ڪرايو پيو وڃي جيڪو ايڪس ( ٽوئيٽر ) جي ڪميونٽي نوٽس سان گهڻو ملندڙ جلندڙ آهي.
9 ٽو 5 گوگل جي هڪ رپورٽ موجب، يوٽيوب جي نئين فيچر جو مقصد وڊيو شيئرنگ پليٽ فارم ۾ ورغلائندڙ مواد جي روڪٿام ڪرڻ آهي.
نئين فيچر ذريعي واهپيدار ڪوڙي مواد يا مونجهاري ۾ مبتلا ڪندڙ وڊيوز ۾ وضاحتي نوٽس جو اضافو ڪري سگهندا، نوٽس ريويو پراسيس مان گذري وڊيوز جي هيٺان ظاهر ٿيندا.
گوگل طرفان فيچر جو اعلان جون ۾ ڪيو ويو هو ۽ هاڻ اِهو آزمائشي مرحلي مان گذري رهيو آهي، فيچر محدود واهپيدارن کي دستياب آهي جيڪي وڊيوز ۾ مددگار نوٽس جو واڌارو ڪري ٻين ماڻهن کي ورغلائيندڙ مواد کان بچائي سگهن ٿا.
رپورٽ موجب، جيڪڏهن ڪنهن صارف کي وڊيو ورغلائندڙ يا غير واضح مواد تي ٻڌل محسوس ٿئي ته هو اِهو فيچر ذريعي ان جي نشاندهي ڪري سگهي ٿو.
سندن لکيل نوٽس تي نظرثاني ٻين واهپيدار ڪندا ۽ جيڪڏهن گهڻي ڀاڱي ريويو ۾ نوٽس کي مددگار قرار ڏنو ويو ته پوءِ اِهي وڊيوز جي هيٺان پوسٽ ٿيندا.
يوٽيوب طرفان واهپيدارن کي نوٽيفڪيشن ذريعي آگاهه ڪيو ويندو ته سندن نوٽس پوسٽ ڪيا ويا آهن.
فلحال هي فيچر موبائيل ڊيوائسز لاءِ متعارف ڪرايو پيو وڃي، جن واهپيدارن کي اِهو فيچر دستياب آهي انهن جي آڏو وڊيوز جي هيٺان ايڊ نوٽ جو آپشن نظر ايندو جنهن تي ڪلڪ ڪري کين پنهنجو نوٽ لکڻو پوندو.
واهپيدارن کي پنهنجي نوٽيس ۾ اعتماد جوڳن ذريعن جو حوالو به ڏيڻو پوندو جڏهن ته مواد قابلِ فهم هئڻ ضروري قرار ڏنو ويو آهي، فيچر جي خاص ڳالهه اِها آهي ته نوٽس لکڻ واري جو نالو ظاهر نه ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.