ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان سرفراز احمد مڊل آرڊر بيٽر سعود شڪيل کي نائب ڪپتان بڻائڻ تي پنهنجي ردعمل جو اظهار ڪيو آهي.
بنگلاديش خلاف ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز کان اڳ پريڪٽس سيشن دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي وڪيٽ ڪيپر بيٽر سرفراز احمد سعود شڪيل کي پاڪستاني ٽيم جو نائب ڪپتان مقرر واڌايون ڏنيون ۽ چيو ته سعود شڪيل لاءِ پاڪستاني ٽيم جي نائب ڪپتاني اعزاز جي ڳالهه آهي.
هن چيو ته سعود شڪيل انتهائي ٽيلينٽڊ ڇوڪرو آهي، سندس قيادت ۾ سنڌ جي ٽيم ٽي ٽوئنٽي چيمپيئن شپ کٽي، هو انڊر19 ٽيم جي به قيادت ڪري چڪو آهي.
اڳوڻي ڪپتان چيو ته پي سي بي طرفان سعود شڪيل کي نائب ڪپتان مقرر ڪرڻ واري فيصلي جي حمايت ڪيان ٿو.
You might also like