سنڌ ۾ نائين کان ٻارهين جماعت جي شاگردن کي مفت ٽيبليٽس ڏيڻ جو فيصلو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ طرفان نائين کان ٻارهين جماعت جي شاگردن ۾ مفت ٽبليٽس ورهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ ڪراچي ۾ قائم ويئر هائوس ۾ هڪ تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جي چيئرمين عليم لاشاري شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي چيئرمين سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ عبداللعيم لاشاري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪتابن جي ورڇ ۾ دير يا کوٽ کان بچڻ لاءِ نائين کان انٽر ميڊيٽ جي شاگردن ۾ مفت ٽيبليٽس ورهايا ويندا ته جيئن سندن پڙهائي ۾ ڪنهن به قسم جي رنڊڪ نه اچي.
هن چيو ته پهرئين مرحلي ۾ وڏن ڪلاسن جي شاگردن جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ ٻين ڪلاسن جي شاگردن ۾ به ٽيبليٽس ورهايا ويندا هوريان هوريان جديد گهرجن پٽاندڙ سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ کي پيپر ليس ڪري ڇڏينداسين.
سندس چوڻ هو ته وڏو وزير سيد مراد علي شاهه جي حتمي منظوري کانپوءِ باقاعدا ان تي ڪم شروع ڪيو ويندو، جڏهن ته هلندڙ تعيلمي سال لاءِ مفت درسي ڪتابن جي ورڇ وارو عمل آخري مرحلي ۾ داخل ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.