اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي کاتي ۾ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ وڏي تبديلين جو امڪان آهي.
ذريعن موجب، ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران پرڏيهي سيڪريٽري سائرس سجاد قاضي رٽائر ٿي رهيو آهي سندس جاءِ تي يورپي يونين ۾ سفير آمنه بلوچ کي پرڏيهي سيڪريٽري بڻايو ويندو جڏهن ته پرڏيهي آفيس جي نئين ترجمان جي مقرر به ڪئي ويندي.
ذريعن موجب، پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ کي فرانس ۾ سفير طور مقرر ڪيو ويندو جڏهن ته جانباز خان برونائي ۽ محمد سليم کي ڪئناڊا ۾ پاڪستان جو سفير مقرر ڪرڻ جو امڪان آهي.
ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته پاڪستاني سفير محمد فاروق کي ڏکڻ آفريڪا ۾ هاءِ ڪمشنر بڻايو پيو وڃي جڏهن ته يو اي اي ۾ مقرر فيصل نياز کي بيلجيئم ۽ يورپي يونين ۾ نئون سفر مقرر ڪرڻ جو امڪان آهي.
Prev Post
You might also like