پئرس ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت جي اسٽار ريلسر ونيش ڦوگاٽ کي رڳو سئو گرام وزن وڌيڪ هئڻ جي بنياد تي پئرس اولمپڪس ۾ گولڊ ميڊل مقابلي لاءِ نااهل قرار ڏنو ويو آهي.
ونيش ڦوگاٽ کي 50 ڪلو گرام ڪيٽيگري جي سيمي فائنل ۾ ڪيوبا جي زونيليس گزمين کي شڪست ڏيڻ کانپوءِ اڄ فائنل ۾ آمريڪا جي سارا هلڊيبرانڊ سان مقاملو ڪرڻو هو.
پرڏيهي ميڊيا ذريعن جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته اڱاري جي رات ڦوگاٽ جو وزن اٽڪل ٻه ڪلو گرام وڌيڪ هو جنهن سبب هوءَ سڄي رات جاگنگ، اسڪپنگ ۽ سائيڪل هلائي وزن گهٽائڻ جي ڪوشش ڪندي رهي پر صبح تائين سندس وزن ڪيو ويو ته هوءَ 50 ڪلو گرام کان 100 گرام وڌيڪ هو.
رڳو سئو گرام وزن وڌيڪ هئڻ جي بنياد تي ڀارتي اولمپڪ ايسوسيئيشن سندس نااهلي جي تصديق ڪئي.
ڀارتي اولمپڪ ايسوسيئيشن پنهنجي بيان ۾ چيو ته سڄي رات ٽيم جي بهترين ڪوششن باوجود اڄ صبح ڦوگاٽ جو وزن پنجاهه ڪلو گرام کان ڪجهه وڌيڪ رهيو جنهن سبب کيس مقابلي لاءِ نااهل قرار ڏنو ويو.
نااهلي سبب ڦوگاٽ ڀارت لاءِ اولمپڪ ۾ گولڊ ميڊل کٽيندڙ پهرين عورت ريسلر بڻجڻ جو موقعو وڃائي ڇڏيو آهي.
اولمپڪس ويب سائيٽ موجب، فائنل ۾ هاڻ سارا هلڊيبرانڊ جو مقابلو ڪيوبا جي زونيليس گزمين سان ٿيندو جنهن کي ونيش ڦوگاٽ سيمي فائنل ۾ شڪست ڏني هئي.
You might also like