شرڌا ۽ راهول مودي ۾ عليحدگي؟ اداڪارا بواءِ فرينڊ کي ان فالو ڪري ڇڏيو

ممبئي (ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ اداڪارا شرڌا ڪپور ۽ سندس بواءِ فرينڊ راهول مودي جي عليحدگي بابت افواهه گردش ڪري رهيا آهن.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، اداڪارا بواءِ فرينڊ راهول مودي کي پنهنجي آفيشل انسٽاگرام اڪائونٽ تان ان فالو ڪري ڇڏيو آهي.
ميڊيا رپورٽس موجب، سان سان گڏوگڏ شرڌا راهول جي ڀيڻ ۽ پروڊڪشن هائوس کي به اَن فالو ڪري ڇڏيو آهي جنهن کانپوءِ جوڙي ۾ عليحدگي بابت خبرون زور پڪڙي رهيون آهن، جڏهن ته راهول مودي اڃا تائين اداڪارا کي سوشل ميڊيا تي فالو ڪري رهيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، اداڪارا هڪ انسٽاگرام پوسٽ ذريعي راهول موديءَ سان پنهنجي لاڳاپن جي تصديق ڪئي هئي، ان ئي پوسٽ جي ڪيپشن ۾ شرڌا ڪپور لکيو هو ته ” دل رکي ڇڏ، ننڊ ته موٽائي ڏي يار. “
ٻئي پاسي سوشل ميڊيا تي ڪجهه واهپيدار شرڌا ڪپور جي ان عمل کي فلم جي مشهوري لاءِ پبلڪ اسٽنٽ به قرار ڏئي رهيا آهن.
ياد رهي ته اداڪارا اڄڪلهه پنهنجي ڀوائتي فلم استري ٽو جي پرموشن ۾ رڌل آهي جيڪا 15 آگسٽ تي رليز ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.