الله ۽ رسول صه جي حڪم تي هلڻ عبادت آهي: نور بُخاري

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني اڳوڻي اداڪارا نور بخاري چيو آهي ته اداڪار فيروز خان سان ٻيو ڀيرو نڪاح ڪيو ته ان ۾ ڇا غلط آهي؟ ماڻهو کيس ڇو ٽرول ڪري رهيا آهن؟
هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ ڳالهائيندي نور بخاري چيو ته بدقسمتيءَ سان ماڻهو نڪاح جهڙي حلال شئي تي به تنقيد ڪندا آهن، مون ۾ اِها ڳالهه نوٽ ڪئي آهي ته فيروز خان جي شادي کانپوءِ ٻن ٽين ٻين عورتن به شاديون ڪيون.
هن چيو ته ماڻهو سندن تصويرن هيٺان ٽرولنگ ڪري رهيا هئا، کين تنقيد جو نشانو بڻائي رهيا هئا، منهنجو سوال اِهو آهي ته انهن ڇا غلط ڪيو آهي؟ شادي ڪئي آهي نه، نڪاح ته حلال عمل آهي.
نور بخاري چيو ته جيڪڏهن ڪو بواءِ فرينڊ يا گرل فرينڊ سان تصويرون لڳائي ته ڪنهن کي ڪو مسئلو ناهي.
هن وڌيڪ چيو ته اوهان الله ۽ رسول صلعم جي حڪم تي هلي رهيا آهيو ته اِها عبادت آهي، اوهان عبادت ڪري رهيا آهيو، جيڪڏهن اوهان شادي ڪئي آهي ۽ ان کي نڀائي رهيا آهيو ته اِها عبادت آهي اوهان ٻار پيدا ڪيا ۽ سندن پالنا ڪري رهيا آهيو ته اِها عبادت آهي.
ياد رهي ته ڪجهه مهينا اڳ اداڪار فيروز خان عليزا سلطان کان طلاق کانپوءِ ٻي شادي ڪئي جنهن کانپوءِ سوشل ميڊيا تي کيس ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.