ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي مشهور اداڪار عديل حسين جي امڙ لاڏاڻو ڪري وئي، اداڪار انسٽاگرام تي پنهنجي مداحن سان ڏک واري خبر شيئر ڪند دعا جي درخواست ڪئي.
عديل حسين لکيو ته اسان جون دليون غمگين آهن پر امڙ جون خوبصورت يادون سڪون آهي. پنهنجي ماءُ کي ياد ڪندي هن وڌيڪ لکيو ته سندس تهذيب ۽ شفقت جو ورثو اسان کي هر روز متاثر ڪندو رهندو.