اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ طارق فضل چوڌري جو چوڻ آهي ته نواز شريف جي پرڏيهه وڃڻ تي ڪا به پابندي ناهي، افواهو ڪوڙيون آهن.
اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي طارق فضل چوڌري چيو ته اپوزيشن جا ڪجهه ماڻهو بنگلاديش جي صورتحال تي ڳالهيون ڪري رهيا آهن. 2018ع کانپوءِ تحريڪ انصاف سياست کي ٻن حصن ۾ ورهائي ڇڏيو، سياست ۾ انتشار ۽ نفرت جي ورهاڱي کي گهٽي ۽ چوڪ چوراهن جي سطح تي آندو ويو. ن ليگ حڪومت ماضي ۽ اڄ به ڪارڪردگي جي سياست تي يقين رکي ٿي.
هن وڌيڪ چيو ته اتحادين کي گڏ کڻي هلي رهيا آهيون، احتجاج تمام جماعتن جو حق آهي پر صرف احتجاج ٿيڻ گهرجي، شهر بند ڪرائڻ، پوليس جون گاڏيون ساڙڻ ۽ ادارن مٿان حملو ڪرڻ ڪهڙي قسم جو احتجاج آهي؟، ڪاروبار متاثر ڪرڻ ڪهڙو احتجاج هوندو آهي، ائين نه ٿيڻ گهرجي.
ن ليگ اڳواڻ طارق فضل چوڌري چيو ته هنن رياست بچائڻ لاءِ سياست قربان ڪئي آهي، فوج جون ملڪ لاءِ وڏيون قربانيون آهن، فوج اڄ به ملڪي سلامتي ۽ دهشتگردي جي خاتمي حوالي سان اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.