چيني مشن: چنڊ تي پاڻي جي موجودگي جي تصديق

چين جي سائنسدانن چنڊ جي سطح جي نمونن ۾ معدنيات وارو پاڻي ڳولي ورتو آهي.

بهرحال چنڊ تي پاڻيءَ جي موجودگي ڪا نئين ڳولا ناهي، ان کان اڳ آمريڪي خلائي اداري ناسا به چنڊ جي سطح تي پاڻيءَ جا نشان ڳولي ورتا هئا.

پر چين جي سائنسدانن پهريون ڀيرو چنڊ جي سطح تي پاڻي هڪ سالماتي صورت يعني H2O جي صورت ۾ ڳولي ورتو آهي.

ان کان وڌيڪ اهم ڳالهه اها آهي ته اها ڳولا چنڊ جي ان حصي ۾ ٿي آهي، جتي خيال آهي ته ان حصي ۾ پاڻي نه هوندو.

سائنسدانن چين جي چينگ E5 مشن جي نمونن جو تجزيو ڪرڻ کانپوءِ اها ڳولا ڪئي، جنهن 2020ع ۾ چنڊ جي سطح جا نمونا واپس زمين تي آندا.

هنن انساني بالن وانگر هڪ معدني ڳولي وڌو جيڪو اڃا تائين ڄاڻايل نه هو ۽ ان جو نالو يو ايل ايم 1 رکيو ويو.

تحقيق موجب يو ايل ايم 1 ڪرسٽل جو 41 سيڪڙو پاڻي تي مشتمل آهي، جڏهن ته ان ۾ موجود امونيا ايڇ 2 او انوولکي مستحڪم صورت ۾ برقرار رکي ٿو.

محققن جو چوڻ آهي ته هن قسم جو پاڻي چنڊ تي انساني آبادي لاءِ اهم ثابت ٿي سگهي ٿو.

چين 2030ع تائين انسانن کي چنڊ تي موڪلڻ ۽ اتي مستقل بنياد ٺاهڻ جو منصوبو رکي ٿو.

هن وقت تائين چنڊ تي پاڻي جي موجودگيءَ جو ثبوت انهن علائقن مان ملندو هو جيڪي اونداهيون هونديون آهن ۽ سج جي روشنيءَ تائين نه پهچن ٿيون.

پر چينگ E5 چنڊ جي هڪ علائقي مان نمونا حاصل ڪيا جتي ماحول کي سالماتي پاڻي لاء مستحکم نه سمجهيو ويندو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.