بنگلاديشي فوج ۾ وڏي پيماني تي مقرريون بدليون، انٽيليجنس چيف برطرف
ڍاڪا ( ويب ڊيسڪ ) بنگلاديش ۾ عوامي ليگ جي اقتدار جي خاتمي کانپوءِ فوج ۾ وڏي پيماني تي مقرريون ۽ بدليون ڪيون ويون آهن.
بنگلاديشي فوج جي ترجمان اداري ( آءِ ايس پي آر ) طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته گهرو وزارت جي ماتحت ايجنسي انٽيلجينس ايجنسي نيشنل ٽيلي ڪميونيڪيشن مانيٽرنگ سينٽر ( اين ٽي ايم سي ) جي ڊائريڪٽر ميجر جنرل ضياءَ الاحسن کي برطرف ڪيو ويو آهي.
پڌرائي موجب، ايجنسي جي ذميوارين ۾ ملڪي صورتحال تي نظر رکڻ، انگ اکر گڏ ڪرڻ ۽ڪميونيڪيشن مواد جي رڪارڊنگ شامل هئي.
ان کانسواءِ ايجنسي کي اي ميلز سوشل ميڊيا اڪائونٽس جي نگراني ۽ فون ڪالز رڪارڊنگ جو به اختيار حاصل آهي.
بنگلاديشي آءِ ايس پي آر موجب، ليفٽيننٽ جنرل سيف العالم کي پرڏيهي وزارت جو قلمدان ڏنو ويو آهي، انکانسواءِ ليفٽيننٽ جنرل مجيب الرحمان جي او سي آرمي ٽريننگ ۽ ڊاڪٽرائن ڪمانڊ هوندو.
پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ميجر جنرل ضياءِ الاحسن جي جاءِ تي ميجر جنرل ردوان کي ڊي جي اين ٽي ام سي مقرر ڪيو ويو آهي.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن شاگردن جي احتجاج تي وزيراعظم شيخ حسينه واجد اقتدار ڇڏي فوجي هيلي ڪاپٽر ۾ ڀارت فرار ٿي وئي هئي جنهن کانپوءِ آرمي چيف عارضي حڪومت ٺاهڻ جو اعلان ڪيو هو.
You might also like