اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان بلوچستان حڪومت کي آزادي جي 77 هين سالگرهه تي زمين جو تحفو ڏئي ڇڏيو.
چيف سيڪريٽري بلوچستان جي ذريعي صوبائي حڪومت کي موڪليل خط ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ جي آزادي جي 77 هين سالگرهه جي موقعي تي زيارت ۾ قائداعظم ريزيڊينسي جي ڀرسان موجود 31 هزار 680 اسڪوائر فوٽ زمين عوامي فائدي لاءِ عطيو ڏيڻ جي رضامندي جو اظهار ڪيو ويو آهي.
چيف جسٽس هڪ خط ذريعي ضلعي زيارت ۾ پنهنجي 31 هزار 680 چورس فوٽ زمين حڪومت لاءِ وقف ڪرڻ جو اعلان ڪيو.
خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ان حوالي سان اسان چاهيون ٿا ته ان جو لائسنس مفت ۾ بلوچستان حڪومت کي ڏنو وڃي، ان حوالي سان اسان لائسنس جي شرطن ۽ قاعدن سان لاڳاپيل دستاويز گڏ ڪري ڇڏيا آهن.
هن چيو ته جيڪڏهن حڪومت راضي ٿي وڃي ٿي ته اهو 14 آگسٽ 2024ع جي مبارڪ ڏينهن تي عوام کي تحفو پيش ڪرڻ چاهيون ٿا.
موسميات کاتي لاءِ زمين الاٽ ڪرڻ لاءِ لکيل خط تي قاضي عظمت عيسيٰ ۽ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جون صحيحون آهن.
خط جون ڪاپيون صدر پاڪستان، وزيراعظم پاڪستان، بلوچستان حڪومت ۽ بلوچستان جي وڏي وزير کي به اماڻيون ويون آهن.