ڍاڪا ( ويب ڊيسڪ ) بنگلاديش ۾ عوامي ليگ جي اقتدار جو سج ٻڏي ويو جنهن سان گڏ ئي اپوزيشن اڳواڻن جي آزادين جو سلسلو جاري آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ڍاڪا جي مقامي عدالت اپوزيشن پارٽي بنگلاديشي نيشنلسٽ پارٽي ( بي اين پي ) ۽ جماعت اسلامي جي هزار کان وڌيڪ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڍاڪا ميٽرو پوليٽن مئجسٽريٽ سوين اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي ۽ ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد درخواستون منظور ڪندي سندن آزادي جو حڪم ڏنو.
ضمانت تي آزادي ٿيندڙ اڳواڻن ۾ بي اين پي جي جوائنٽ سيڪريٽري جنرل راهول ڪبير رضوي، خالده ضياءَ جي صلاحڪار شمس الرحمان ۽ جماعت اسلامي جي سيڪريٽري جنرل غلام پرواز شامل آهن.
ان کانسواءِ آزاد ٿيندڙن ۾ وزير امير خسرو محمود چوڌري به شامل آهي، انهن سمورن ماڻهن ملڪ ۾ جاري تازي ڇڪتاڻ دوران گرفتار ڪيو ويو هو.
بنگلاديش:عوامي ليگ جي اقتدار جو سج ٻڏي ويو، اپوزيشن اڳواڻن جون ضمانتون منظور، آزادي جو حڪم
You might also like