شاگردن جو پُرتشدد احتجاج، ڀارت جو بنگلاديشي فوجي قيادت سان رابطو

نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) بنگلاديش ۾ شاگردن جي پُرتشدد احتجاج سبب وزيراعظم شيخ حسينه واجد جي استعيفيٰ بعد ملڪ ڇڏي ڀارت آمد تي ڀارتي سياسي، سفارتي ۽ صحافتي حلقن ۾ ڳڻتي واري صورتحال پيدا ڪري ڇڏي آهي.
گذريل ڏينهن وزيراعظم نريندي جي صدارت هيٺ قومي سلامتي بابت ڪابينا ڪميٽي جي ٿيو جنهن ۾ گهرو وزير امت شاهه، دفاع واري وزير راج ناٿ سنگهه، پرڏيهي وزير ايس جئه شنڪر، ناڻي واري وزير نرملا سيتارمن، قمي سلامتي بابت مشير اجيت ڊوول ۽ انٽيليجنس ادارن جي سربراهن شرڪت ڪئي.
ان کان اڳ پرڏيهي وزير ايس جئه شنڪر وزيراعظم کي بنگلاديشي جي تازه ترين صورتحال بابت آگاهه ڪيو.
ڪانگريس ذريعن موجب، ڪانگريس اڳواڻ ۽ لو سڀا ۾ اپوزيشن ليڊر راهول گانڌي به ايس جئه شنڪر سان ملاقات ڪري بنگلاديشي جي حالتن تي گفتگو ڪئي.
ان کانسواءِ ڀارت بنگلاديشي فوجي قيادت کي اپيل ڪئي آهي ته هو بنگلاديش ۾ امن قائم ڪري ۽ صورتحال کي معمول تي آڻي.
ميڊيا رپورٽس موجب، مودي حڪومت شيخ حسينه واجد جي ملڪ ڇڏڻ کانپوءِ بنگلاديش جي فوجي سربراهه وقار الزمان کي امن جي قيام لاءِ هر قسم جي سهڪار جي خاطري ڪرائي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.