بيرسٽر گوهر شير افضل مروت کي پي ٽي آءِ باني سان ملاقات ڪرڻ جي دعوت ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بيرسٽر گوهر شير افضل مروت کي پي ٽي آءِ باني عمران خان سان ملاقات ڪرڻ جي دعوت ڏئي ڇڏي آهي.

بيرسٽر گوهر ۽ شير افضل مروت جي ملاقات کان پوءِ پارليامينٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي بيرسٽر گوهر چيو ته مان ته چوان ٿو ته هن وقت هلو  هينئر ئي ملاقات ڪري ٿا وٺون، شير افضل مروت جي بنيادي رڪنيت جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ غلط فهمي آهي.

پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته شير افضل مروت جو معاملو اسان جي پارٽي جو اندروني معاملو آهي، شير افضل مروت اسان سان گڏ آهي ۽ رهندو. 2 ڏينهن صبر ڪريو اوهان کي سٺي خبر ملندي، هتي ته آئيني ترميم تبديل ٿي ويندي آهي هيءَ ته وري به هڪ نوٽيفڪيشن آهي.

شير افضل مروت بيرسٽر گوهر جي جوابن جي تائيد ڪندي چيو ته مون کي بيرسٽر گوهر ۽ پي ٽي آءِ باني عمران خان تي پورو ڀروسو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.