ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ فلم سن آف سردار جي ڪاميابي کانپوءِ هاڻ سن جو سڪوئل ٺاهڻ جون تياريون زور شور سان جاري آهن پر فلم ۾ مک ڪردار ادا ڪندڙ سينيئر اداڪار سنجي دت کي ڪاسٽ نه ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، سن آف سردار ٽو جي شوٽنگ اسڪاٽلينڊ ۾ شروع ٿي چڪي آهي، جڏهن ته اطلاع آهن ته سنجي دت ويزا مسئلن سبب فلم جو حصو نه هوندو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، 1993 ۾ جيل وڃڻ سبب برطانيا جي ويزا لاءِ سنجي دت جي درخواست رد ڪئي وئي آهي جنهن بعد سنجي دت جي جاءِ تي اداڪار روي ڪشن کي فلم ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
You might also like