قومي اسيمبلي:اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل اڪثريتي راءِ سان منظور، مخالف ڌر جو سخت احتجاج

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) قومي اسيمبليءَ اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل 2024ع اڪثريتي راءِ سان منظور ڪري ورتو، جنهن تحت آزاد اميدوار مخصوص مدي بعد ڪنهن ٻي سياسي پارٽي ۾ شامل نه ٿي سگهندو.
اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جو اجلاس ٿيو.
مسلم ليگ نون جي قومي اسيمبلي ميمبر بلال ڪياني اليڪشن ايڪٽ ۾ ٻئي ترميم جو بل پيش ڪيو.
سني اتحاد ڪائونسل جي ميمبرن بل ۾ ترميمون پيش ڪيون، پر حڪومت ميمبرن اڪثريتي راءِ سان سموريون ترميمون رد ڪري ڇڏيون.
قانون واري وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ چيو ته هي قانون سازي آئين جي روح موجب آهي ۽ غيرآئيني ناهي.
پي ٽي آءِ ايم اين اي علي محمد خان چيو ته هي قانون سازي سندس رستو روڪڻ لاءِ آهي، سندن 141 ميمبرن قسم نامو ڏنو ته سندن تعلق سني اتحاد ڪائونسل سان آهي.
علي محمد خان چيو ته اليڪشن ايڪٽ ذريعي عدليا تي حملو ڪيو ويو آهي، هن قانون ذريعي پارليامينٽ کي سپريم ڪورٽ تي حملي لاءِ استعمال ڪيو ويو، پي ٽي آءِ کي سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان حق مليو، عدالتي فيصلي بعد ڪهڙي طرح کين هن حق کان محروم ڪري سگهجي ٿو.
سني اتحاد ڪائونسل ۽ تحريڪ انصاف جي حمايت يافته ميمبرن اليڪشن ترميمي بل جي مخالفت ڪندي ايوان ۾ احتجاج ڪندي بل جون ڪاپيون ڦاڙي سخت نعريبازي ڪئي.
قومي اسيمبليءَ اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل 2024ع اڪثريتي راءِ سان منظور ڪري ورتو.
اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل 2024ع سان ڇا ٿيندو؟
نئين قانون تحت آزاد اميدوار آئين ۽ قانون ۾ لکيل مخصوص مدي بعد ڪنهن سياسي پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جو حق استعمال نه ڪري سگهندا،
آئين ۽ اليڪشن ايڪٽ 2017ع ۾ آزاد اميدوارن کي ٻيهر ڪنهن سياسي پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جي سهولتن فراهم ناهي ڪئي وئي.
مقرر وقت تي لسٽ جمع نه ڪرائيندڙ سياسي پارٽي کي مخصوص سيٽون نه ملي سگهنديون.
بل ۾ چيو ويو آهي ته جنهن اميدوار رٽرننگ آفيسر اڳيان پارٽي سان وابستگي جو قدم نامو جمع نه ڪرايو هو کيس آزاد تصور ڪيو ويندو، اليڪشن بعد پارٽي وابستگي ظاهر ڪندڙ اميدوار ڪنهن سياسي پارٽي جو اميد نه سمجهيو ويندو ۽ اليڪشن جو ٻيو ترميمي 2017 کان لاڳو ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.