ممبئي (ويب ڊيسڪ ) مشهور ڀارتي گلوڪارا سنيڌي چوهاڻ پاڪستاني موسيقڪارن ۽ فنڪارن جا ڳڻ ڳائڻ لڳي.
بالي ووڊ جي خوبرو گلوڪارا ۽ ڪيئي فلمن ۾ پنهنجي آواز جو جادو جڳائيندڙ سنيڌي چوهاڻ هڪ انٽرويو دوران پاڪستاني موسيقي ۽ گلوڪارن بابت تبصرو ڪندي چيو ته سڄي دنيا ڄاڻي ٿي ته مون ڪيئي پاڪستاني فنڪارن سان ڪم ڪيو آهي، هو پنهنجي ڪم سان سچا آهن.
گلوڪارا چيو ته ڀارتي ۽ پاڪستاني هڪجهڙا آهن، سندن ٻولي هڪ جهڙي آهي، هڪٻئي جيان نظر ايندا آهن، ان کانسواءِ سندن خوراڪ ۽ ثقافت به هڪ جهڙي ئي آهي.
سنيڌي اِهو بو چيو ته هوءَ جڏهن به آمريڪا ۽ برطانيا ويندي آهي ته اتي ڪيئي پاڪستاني مداحن سان ملندي آهي، پاڪستان ميوزڪ انڊسٽري هڪ وڏي ۽ معياري انڊسٽري آهي.
هن پاڪستان جي معياري موسيقي جو مثال ڏيندي چيو ته ڪوڪ اسٽوڊيو هڪ بهترين مثال آهي جتي نه رڳو زبرسست گيت پر ميوزڪ وڊيوز به ٺاهيا پيا وڃن.
You might also like