بجلي ڪمپنين جي ملازمن کي ساليانو 15 ارب رپين جي مفت بجلي ڏيڻ جو انڪشاف

اسلام آباد (و يب ڊيسڪ ) سيڪريٽري پاور ڊويزن انڪشاف ڪيو آهي ته بجلي ڪمپنين جا هڪ لک 90 هزار ملازمن کي ساليانو 15 ارب جي مفت بجلي ڏني ويندي آهي.
سينيٽر محسن عزيز جي صدارت هيٺ سينيٽ جي توانائي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ سيڪريٽري پاور ڊويزن آءِ پي پيز ۽ بجلي جي معاملن تي بريفنگ ڏني.
سيڪريٽري پاور ڊويزن ٻڌايو ته اسان جي انڊسٽري جي بجلي گهرج 25 سيڪڙو آهي ۽ اسان جي انڊسٽري جي کپت گهٽ ٿيندي پئي وڃي. اسان جو 10 کان 11 هزار ميگاواٽ لوڊ پکن جو آهي جڏهن ته سياري ۾ لوڊ 11 هزار ميگاواٽ تائين هوندو آهي.
هن چيو ته گذريل سال انڊسٽري کان 244 ارب وٺي گهريلو واهپيدارن کي ڏنا ويا، 4 سئو يونٽس وارن اڍائي ڪروڙ واهپيدارن کي 592 ارب سبسڊي ڏني ويندي هئي جيڪا هاڻي 692 ارب رپين تي پهچي وئي آهي.
سيڪريٽري پاور ڊويزن موجب، مفت بجلي رڳو بجلي ڪمپنين، واپڊا ۽ جنڪوز ملازمن کي ملندي آهي، بجلي ڪمپنين جي هڪ لک 90 هزار ملازمن کي ساليانو پندرنهن ارب رپين جي مفت بجلي ڏني ويندي آهي جڏهن ته هڪ ملازم کي سال جي 78 هزار رپين جي بجلي مفت ڏني ويندي آهي.
ان موقعي تي توانائي واري وفاقي وزير چيو ته اسان جي ڪمپنين وٽ رئيل ٽائم ڊيٽا دستياب ناهي، ڪمپنين ۾ ايڊوانس ميٽرنگ سان اعتماد جوڳي ڊيٽا ايندي، آءِ پي پيز وٽان جيڪڏهن پنج ارب رپيا به نڪري سگهيا ته عوام کي رليف ڏينداسين، بجلي چوري جو خاتمو نجڪاري ۽ ڊجيٽلائزيشن ذريعي ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.