ڪراچي ۾ ” جشن آزادي وومين فٽبال ٽورنامينٽ“ ايم يو ڪي ڪلب کٽي ورتي

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) وومين اسپورٽس فورم طرفان نيو ناظم آباد ڪراچي سوسائيٽي جي سهڪار سان ” جشن آزادي وومين فٽبال ٽورنامينٽ“ ڪرائي وئي.
ٽورنامينٽ ۾ ايم اين اي ڊاڪٽر فاروق ستار، سندس گهرواري شهناز فاروق ۽ نيو ناظم آباد جيم خانه ڪلب جي صدر طلح شرڪت ڪئي ۽ ٽورنامينٽ آرگنائزرز وومين اسپورٽس فورم جي باني ورونهه پيرزادو، ڪو آرڊينيٽر فوزيه جميل ۽ فائزا شهباز کي داد ڏيندي سندن ڪوششن کي ساراهيو.
نيو ناظم آباد فٽبال گرائونڊ ۾ٿيل هڪ ڏينهن واري ٽورنامينٽ ۾ مختلف ضلعن جي ٽيمن حصو ورتو، پهرين ميچ، لياري ۽ ايم يو ڪي اسپورٽس ڪلب وچ کيڏي وئي جيڪا سخت ترين مقابلي کانپوءِ برابري تي ختم ٿي.
ٻي ميچ ۾ هزارا ڪلب ۽ لياري فٽبال ڪلب جون ٽيمون آمهون سامهون ٿيون جنهن ۾ هزارا ڪلب هٿان لياري کي 1-0 تان شڪست جو منهن ڏسڻو پيو.
جنهن کانپوءِ ٽورنامينٽ جو فائنل مقابلو هزارا ڪلب ۽ ايم يو ڪي ڪلب وچ ۾ کيڏيو ويو جنهن ۾ ايم يو ڪي ڪلب 1-0 تان ڪاميابي ماڻي ٽورنامينٽ پنهنجي نالي ڪئي.
ٽورنامينٽ جي فاتح ۽ رنر ٽيمن کي ٽرافين سميت ايونٽ ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ رانديگرن کي تعريفي سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا.
ايونٽ دوران علائقي واسين وڏي انگ ۾ ميدان جو رخ ڪيو ۽ ٽورنامينٽ ۾ شامل ٽيمن ۽ رانديگرن کي بهترين ڪارڪردگي تي داد ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.