پئرس ( ويب ڊيسڪ ) پئرس اولمپڪس ۾ پاڪستان لاءِ ميڊل جي آخري اميد ارشد نديم 24 ڪروڙ پاڪستانين جو خواب پورو ڪرڻ ڏانهن پهرين وک وڌائيندي جيولن ٿرو جي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي.
پئرس اولمپڪس جي جيولن ٿرو ڪواليفيڪشن رائونڊ ۾ گروپ بي ۾ شامل ارشد نديم کي فائنل ۾ سڌي ريت جاءِ ٺاهڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 84 ميٽر جي ٿرو ڪرڻي هئي، هن پهرين ئي ڪوشش ۾ 86.59 جي ٿرو ڪري فائنل مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.
ارشد نديم هاڻ اٺ آگسٽ تي جيولين ٿرو ايونٽ جي فائنل ۾ ايڪشن ۾ نظر ايندو، اِهو سندس ڪيريئر جو لاڳيتو ٻيو فائنل آهي، ان کان اڳ هن ٽوڪيو اولمپڪس جي فائنل پنجين پوزيشن ماڻي هئي.
ٻئي پاسي گروپ بي ۾ ئي شامل ڀارت جي نيرج چوپڙا پهرين ئي ڪوشش ۾ 89.34 ميٽر جي ٿرو اُڇلائي جيولن ٿرو جي فائنل رائونڊ لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي.