اسلام آباد(اعزاز سيد+فخر دراني)بنگلاديش ۾ 2019ع کان هڪ يونيورسٽي ۾ سرڪاري نوڪرين جي معاملي تي احتجاج شروع ٿيو جيڪو بعد ۾ وڌندو ويو، ان ملڪ ۾ مسئلو اهو هو ته سرڪاري نوڪرين جي ڪوٽا جو 50 سيڪڙو آزادي تحريڪ ۾ حصو وٺندڙ خاندانن لاءِ مختص هو،تازو جيڪا تحريڪ تيز ٿي ان ۾ سرڪاري نوڪرين سان گڏ پاڪستان وانگر 2024ع جي تڪراري چونڊ نتيجن جو به اهم عنصر شامل هو،حسينه واجد احتجاج ۾ جماعت اسلامي ۽ پاڪستان جي هٿ هجڻ جو الزام به هنيو،جون ۾ شيخ حسينه واجد نئين آرمي چيف جي مقرري جي حوالي سان پريشان هئي، کيس مشورو ڏنو ويو ته پراڻي آرمي چيف جنرل ايس ايم شفيع الزامان جي مدي ۾ واڌ ڪئي وڃي،ماڻهو ڀلي احتجاج ڪندا رهن، فوج توهان سان گڏ رهندي پر شيخ حسينه اهو مشورو نه مڃيو کيس ڊپ هو ته خبر ناهي فوج جو ردعمل ڪهڙو هوندو؟هن جنرل وقار الزمان جيڪو هن جي وفادارن ۾ شامل ٿيندو ان کي 23 جون تي نئون آرمي چيف مقرر ڪري ڇڏيو پر جنرل وقار الزمان 5 آگسٽ تي پنهنجو”ڪم“ ڏيکاري ڇڏيو،هو برطانيا مان به پڙهي آيو آهي،هن جي گهرواري به هڪ اڳوڻي آرمي چيف جي ڌيءُ آهي، آرمي چيف انهن 12 ڏينهن دوران سمورين سياسي جماعتن سان رابطا ڪيا ۽ بعد ۾ شيخ حسينه واجد سان ملاقات ڪري چيو ته توهان بنگلاديش ڇڏي وڃو،آرمي چيف مارشل لا بدران عبوري حڪومت جو اعلان ڪري پاڪستان لاءِ به سبق ڏنو،شيخ حسينه آمراڻي طرز حڪمراني ڪئي، جيستائين اسان جي سياسي قيادت اخلاق جي اعليٰ معيارن تي نٿي پهچي تيستائين فوج کي پوئتي نٿو ڌڪي سگهجي.