شاگردن جي ڌمڪي بعد بنگلاديشي صدر اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي، اڳوڻي وزيراعظم خالده ضياءَ به آزاد

ڍاڪا ( ويب ڊيسڪ ) بنگلاديش ۾ شاگرد تريڪ جي اڳواڻن جي ڌمڪي کانپوءِ صدر محمد شهاب الدين پارليامينٽ ٽوڙي ڇڏي.
شاگردن بنگلاديشي صدر کان مطالبو ڪيو هو ته هو 3 وڳي تائين پارليامينٽ کي ٽوڙڻ جو اعلان ڪري ۽ سندن ڏنل نالن تي ٻڌل عبوري حڪومت ٺاهي وڃي ٻي صورت ۾ هو سخت ختم کڻندا، جنهن کانپوءِ هاڻي صدر اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي آهي.
احتجاجي تحريڪ جي اڳواڻي ڪندڙ شاگردن حڪومت لاءِ نوبيل انعام يافته اقتصادي ماهر ڊاڪٽر يونس جو نالو ڏنو آهي جڏهن ته ڊاڪٽر يونس به عبوري حڪومت جي سربراهي ڪرڻ جي حامي ڀري ورتي آهي.
ٻئي پاسي بنگلاديشي صدر جي حڪم کانپوءِ اڄ بنگلاديشي نيشنل پارٽي جي سربراهه خالده ضياءَ کي به آزاد ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.