امڙ مايوس آهي،سياست ۾ واپس نه ايندي: حسينه واجد جو پٽ

ڍاڪا (م ڊ) بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينه واجد جي پٽ سجيب واجد چيو آهي ته سندس والده جي سياسي واپسيءَ جو ڪو  به ارادو ناهي. هوءَ پنهنجي محنت کانپوءِ ڏاڍي مايوس آهي ته هڪ اقليتي ٽولو سندس خلاف بيٺو آهي. بي بي سي سان ڳالهائيندي سجيب واجد چيو ته سندس ماءُ ٻن ڏينهن کان استعيفيٰ ڏيڻ تي غور ڪري رهي هئي ۽ گهر وارن جي اصرار تي پنهنجي حفاظت لاءِ ملڪ ڇڏي وئي آهي. والده شيخ حسينه واجد جي صلاحڪار طور ڪم ڪندڙ سجيب واجد سندس دفاع ڪندي چيو ته هن بنگلاديش جي تقدير بدلائي آهي، جڏهن هن اقتدار سنڀاليو ته رياست تباهه هئي، بنگلاديش هڪ غريب ملڪ هو. اڄ ان کي ايشيا جو اڀرندڙ ٽائيگر سمجهيو ويندو آهي. ٻئي پاسي والده جي استعيفي’ کان اڳ جاري ڪيل هڪ وڊيو بيان ۾ ملڪ جي آرمي چيف کي مخاطب ٿيندي سجيب واجد چيو هو ته هو ملڪ ئي عوام جي حفاظت ڪري، اڻ چونڊيل ماڻهن کي اقتدار ۾ اچڻ کان روڪيو وڃي. زوري اقتدار ختم ڪرڻ سان بنگلاديش جي سالميت کي خطرو ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.