ناروي ڪپ جي انڊر 17 ڪيٽيگري جي سيمي فائنل ۾ پاڪستان اسٽريٽ چائلڊ ٽيم کي نارووي جي فور ڊي ڪلب شڪست ڏئي ڇڏي.
مقرر وقت تي مقابلو 1-1 تان برابر ٿيڻ کانپوءِ ميچ جو فيصلو پنالٽي شوٽ آئوٽ تي ٿيو، پنالٽي شوٽ آئوٽ تي پاڪستاني اسٽريٽ ٽيم کي 3-4 تان شڪست جو منهن ڏسڻو پيو.
پاڪستان اسٽريٽ چائلڊ فٽبال ٽيم سڀاڻي ٽين پوزيشن لاءِ ناروي جي سوترا ڪلب سان مهاڏو اٽڪائيندي.
واضح رهي ته انڊر 15 ڪيٽيگري ۾ پاڪستان جي ” فيوچر پاڪستان “ ٽيم فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري چڪي آهي.
You might also like