هن حڪومت سان ڪهڙيون ڳالهيون ڪريان جيڪا 4 تڪ کولڻ سان ختم ٿي ويندي: عمران خان

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني عمران خان جو چوڻ آهي ته هن حڪومت سان ڪهڙي ڳالهه ڪئي وڃي جيڪا 4 تڪ کولڻ سان ختم ٿي ويندي، اڊيالا جيل ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي عمران خان چيو ته سڀ کان پهريان اسان جو مينڊيٽ واپس اچڻ گهرجي.

آئين جي دائري ۾ رهي ڪري ڳالهيون ڪندس پر هن حڪومت سان ڪهڙي ڳالهه ڪريان جيڪا چار تڪ بنديون کولڻ سان ختم ٿي ويندي، پي ٽي آءِ جي باني چيو ته مون محمود خان اچڪزئي کي چيو آهي ته سياسي پارٽين سان ڳالهيون ڪيون وڃن، محمود اچڪزئي چيو آهي ته هو فوج سان ڳالهيون نٿا ڪري سگهن.

يوٽرن وٺڻ بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو ته سڀ کان وڏو يوٽرن اهو آهي جنهن ووٽ کي عزت ڏيو جو نعرو لڳايو ۽ بوٽ کي عزت ڏني. عمران خان پي ٽي آءِ باني شير افضل مروت کي پارٽي مان ڪڍڻ بابت سوال جو ڪو به جواب نه ڏنو ۽ ٽيون ڀيرو عمران خان چيو ته شير افضل مروت جي معاملي تي پوءِ ڳالهه ڪندس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.