اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي قيادت هڪ ڀيرو ٻيهر سياسي اڳواڻن سان ڳالهيون ڪرڻ جو ارادو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي، طاقتور ادارن سان رابطا ناڪام ۽ انهن سان ڳالهين جا امڪان ختم ٿيڻ بعد سياسي اڳواڻن سان ڳالهيون ڪرڻ جو ارادو ظاهر ڪيو ويو آهي.
ان مقصد لاءِ تحريڪ تحفظ آئين ۽ ان جي سربراهه محمود خان اچڪزئي کي مقرر ڪيو هو، جيڪو ساڍا 4 مهينن تائين ڪو به بامعني رابطو نه ڪري سگهيو آهي. جنهن بعد مايوس ٿي نئين وسيع اتحاد ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب عمران خان 190 ملين پائونڊ ريفرنس جي ٻڌڻي کان اڳ ئي ”بريڪ تھرو“ جي ڪوشش شروع ڪري ڇڏي، عمران فوجي عدالتن کان بچڻ لاءِ پيش قدمي تي آهي.
پي ٽي آءِ جي باني کي پيغام ڏنو ويو آهي ته معافي وٺڻي پوندي ۽ يقين ڏياريو ويندو.