روشن ڊجيٽل اڪائونٽس جو انگ ستن لکن کان ٽپي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بينڪ موجب، روشن ڊيجيٽل اڪائونٽس جي تعداد 7 لکن کان وڌي ويو اهي، اسٽيٽ بينڪ جو چوڻ آهي ته جون 2024 ۾ 10168 روشن ڊيجيٽل کاتا کوليا ويا، مالي سال 2024 ۾ هڪ لک 26 هزار 893 روشن ڊيجيٽل اڪائونٽ کوليا ويا، جنهن کانپوءِ روشن ڊيجيٽل اڪائونٽس جي تعداد 7 لک 12 هزار 778 ٿي ويو.

اسٽيڪ بينڪ جي عملدارن موجب جون ۾ روشن ڊيجيٽل اڪائونٽس ۾ 20 ڪروڙ ڊالر۽ مالي سال 2024ع ۾ 2 ارب ڊالر روشن ڊجيٽل اڪائونٽس ۾ جمع ڪرايا ويا، جڏهن ته سيپٽمبر 2020ع کان جون 2024ع تائين روشن ڊجيٽل اڪائونٽس ۾ ڪل 8.25 ارب ڊالر جمع ڪرايا ويا آهن.

اسٽيٽ بئنڪ موجب روشن ڊجيٽل اڪائونٽس ۾ جمع ڪيل 5.21 ڪروڙ ڊالر مقامي طور استعمال ڪيا ويا، اڪائونٽس مان 1.61 ارب ڊالر ڪڍيا ويا، جڏهن ته جون 2024ع تائين روشن ڊجيٽل اڪائونٽس ۾ 1.43 ارب ڊالر بقايا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.