وليمسن جي حڪمراني جو انت، روٽ نمبر ون ٽيسٽ بيٽر بڻجي ويو

دبئي ( ويب ڊيسڪ ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ٽيسٽ رينڪنگ ۾ انگلينڊ جي بيٽر جو روٽ نيوزيلينڊ جي ڪين وليمسن کان پهرين پوزيشن کسي ورتي.
آءِ سي سي نئين پليئرز ٽيسٽ رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي، ٽيسٽ رينڪنگ ۾ انگلينڊ جي اڳوڻي ڪپتان جو روٽ ڪيوي بيٽر ڪين وليمسن کي پوئتي ڇڏيندي نمبر ون بيٽر بڻجي ويو آهي.
ٽيسٽ رينڪنگ ۾ ڪين وليمسن ٻئي نمبر تي هليو ويو آهي، پاڪستاني ڪپتان بابر اعظم هڪ درجو ترقي ڪندي ٽئين پوزيشن ماڻي ورتي آهي جڏهن ته نيوزيلينڊ جي ڊيرل مچل جو چوٿون نمبر آهي.
ٽيسٽ بالرن ۾ ڀارت جي روي چندرن ايشون جي پهرين پوزيشن برقرار آهي.
ٻئي پاسي ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ ۾ آسٽريليا جي ٽريوس هيڊ جي پهرين پوزيشن برقرار آهي، بابر اعظم هڪ درجو وڃائيندي پنجين نمبر تي هليو ويو ، جڏهن ته محمد رضوان جي ڇهين پوزيشن آهي.
ٽيسٽ آل رائوندرز ۾ ڀارت جي رويندرا جاڙيجا ۽ ٽي ٽوئنٽي ۾ آسٽريليا جو مارڪس اسٽوئنس ٽاپ پوزيشن تي موجود آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.