ڪراچي (رپورٽر) سانوڻي هوائن جي نئين سلسلي تحت ڪالهه شهر ۾ وچولي برسات پئي، سڀ کان وڌيڪ برسات سرجاني ٽائون ۾ 51 ملي ميٽر ۽ گڏاپ ٽائون ۾ 42.4 ملي ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي، ملير، عزيز آباد، حسن اسڪوائر، گلشن اقبال بلاڪ 13، گرومندر، نيپا چورنگي، ڪلفٽن، لياقت آباد، محمود آباد، گارڊن ويسٽ، سرجاني، گلستان جوهر، احسن آباد، گڊاپ ٽائون، گلشن مري، اسڪيم 33، نارٿ ڪراچي، ايف بي ايريا، لائينز ايريا، محمد علي سوسائٽي، شاهه فيصل ڪالوني، لانڍي، قائد آباد، آءِ آءِ چندريگر روڊ ۽ ٻين علائقن ۾ هلڪي برسات پئي، موسميات کاتي جي ارلي وارننگ سينٽر جي اڳڪٿي موجب عربي سمنڊ مان ايندڙ تيز سانوڻي هوائن جو سلسلو سنڌ کي متاثر ڪري رهيو آهي، اڄ شهر ۾ گجگوڙ سان گڏ برسات جو به امڪان آهي. جڏهن ته ڪالهه شهر ۾ گرمي پد 33.8 ڊگري سينٽي گريڊ رهيو، جڏهن ته هوا ۾ نمي جو تناسب 82 سيڪڙو هو.