پي ٽي آءِ مرڪزي سيڪريٽريٽ سيل ڪرڻ خلاف درخواست تي فيصلو محفوظ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ کي مرڪزي سيڪريٽريٽ ڊي سيل ڪرائڻ لاءِ ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن سان مشاورت جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ثمن رفعت امتياز پي ٽي آءِ مرڪزي سيڪريٽري سيل ڪرڻ جي ميٽرولپوليٽن ڪارپوريٽس جي فيصلي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. جسٽس ثمن رفعت امتياز پڇيو ته سيل ڪرڻ کان اڳ نوٽيس جاري ڪيو ويو هو؟
ان تي ميٽروپولييٽن ڪارپوريشن جي وڪيل 2017 ۽ 2018 جا پبلڪ نوٽيسز عدالت ۾ پيش ڪيا. جسٽس ثمن رفعت چيو ته 2017 ۽ 18 جا پبلڪ نوٽيس ڏيکاري رهيا آهيو ۽ 2024 ۾ عمارت سيل ڪري رهيا آهيو، اوهان ويهي مشاورت ڪريو، پوءِ هنگامي شيون عدالت کي ٻڌايو، هڪ سياسي پارٽي جي آفيس کي ائين سيل نٿو رکي سگهجي، هي ڪو وڏو مسئلو ناهي، منهنجو خيال آهي ته اوهان پاڻ ۾ ويهي مسئلو حل ڪري سگهو ٿا.
ميٽرولپوليٽن ڪارپوريشن جي وڪيل جواب ڏنو ته هي اڃا گهربل حفاظتي اپائن ڪري ڏين ته اسان عمارت ڊي سيل ڪري ڏينداسين.
وڪيل لطيف کوسي چيو ته عدالت آفيس ڊي سيل ڪرڻ جو حڪم ڏئي، اسان 15 ڏينهن ۾ حفاظتي اپاءَ ڪنداسين. عدالت لطيف کوسي ۽ ايم سي آءِ جي وڪيل کي مشاورت سان معاملو حل ڪرڻ جي هدايت ڪندي فيصلو محفوظ ڪري ورتو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.