ڀارت : لينڊ سلائيڊنگ سبب 93 ڄڻا فوت ۽ سوين مرڻينگ، ڪيترائي گم ٿي

ڀارت ۾ لينڊ سلائيڊنگ سبب 93 ڄڻا فوت ۽ سوين دٻجي ويا آهن.
ڀارتي ميڊيا موجب ڀارتي رياست ڪيرالا ۾ تيز برساتن سبب وايناد ضلعي ۾ لينڊ سلائيڊنگ سبب ڪيترائي گهر دٻجي ويا.
ميڊيا رپورٽن موجب لينڊ سلائيڊنگ سبب سوين ماڻهن جي دٻجڻ جو خدشو آهي جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو اڃا تائين گم آهن.
رپورٽن مطابق برسات ۽ لينڊ سلائيڊنگ جي واقعن ۾ هيل تائين 93 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي چڪي آهي جڏهن ته 116 ڄڻا زخمي آهن.
ان حوالي سان ڀارتي اختيارين خدشن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته نيلمبور ۾ چاليار درياهه ۾ ڪيترائي ماڻهو ٻڏي ويا آهن، جڏهن ته منڊڪئي ۾ ڪيترائي گهر، دڪان ۽ گاڏيون ملبي هيٺ دٻجي ويون آهن.
ميڊيا رپورٽن موجب منڊڪئي ۾ پل لڙهي وڃڻ سبب امدادي ڪمن ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن، جنهن سبب ڪيرالا جي وڏي وزير پنارائي وجين عارضي پل تعمير ڪري ماڻهن جي مدد ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.