ڪنهن به شخص کي واجب القتل قرار ڏيڻ غير شرعي عمل آهي: اسلامي نظرياتي ڪائونسل

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلامي نظرياتي ڪائونسل چيو آهي ته ڪنهن به شخص کي واجب القتل قرار ڏيڻ غير شرعي ۽ غيرقانوني آهي.
اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ڪنهن کي قتل ڪرڻ جي جذباتي قدم سان ختم نبوت جي عقيدي جي ڪاز کي نقصان پهچندو آهي.
پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ڪنهن فرد، گروهه يا جٿي کي قانوني ۽ شرعي طور تي اجازت ناهي ته هو پاڻ عدالت لڳائي ڪنهن جي قتل جي فتويٰ ۽ حڪم جاري ڪري ڇو ته چڙڏياريندڙ، تڪفيري فتويٰ ۽ ڪنهن حڪومت، رياستي يا وري عام فرد جي قتل جي ڌمڪي قرآن ۽ سنت جي واضح اصولن سان ٽڪراءُ آهي.
اسلامي نظرياتي ڪائونسل چيو ته عالم ۽ مفتي جي ذميواري آهي ته هو صحيح ۽ غلط نظرين جي باري ۾ ديني آگاهي فراهم ڪري ۽ مسئلن جو درست شرعي حل ٻڌائي.
پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڪفر جي فتويٰ ۽ واجب القتل قرار ڏيڻ واري روش اسلامي اصولن جي ابتڙ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.