اليڪشن ڪميشن وڌيڪ 93 ايم پي ايز کي پي ٽي آءِ جو ميمبر تسليم ڪري ورتو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ٽن صوبائي اسيمبلين جي 93 ايم پي ايز کي پي ٽي آءِ ميمبر تسليم ڪري ورتو .
اليڪشن ڪميشن پنجاب مان پي ٽي آءِ جي 29، خيبرپختونخوا مان 58 ۽ سنڌ مان 6 ايم پي ايز جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.
اليڪشن ڪميشن مجموعي طور تي پنجاب، ڪي پي ۽ سنڌ اسيمبلي جي 93 ميمبرن کي پي ٽي آءِ جو رڪن تسليم ڪري ورتو آهي.
ان کان اڳ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان تحريڪِ انصاف جي 39 ايم اين ايز جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.