اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪِ انصاف ( پي ٽي آءِ ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گرفتاري جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي پنج آگسٽ تي سڄي ملڪ ۾ جلسن ۽ احتجاجي مظاهرن جو اعلان ڪري ڇڏيو.
قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پنج آگسٽ تي هو ٻن مسئلن تي سڄي ملڪ ۾ جلسا ۽ وڏا وڏا مظاهرا ڪندا.
هن چيو ته هڪ ته پنج آگسٽ تي عمران خان جي گرفتاري جو ڏينهن آهي، کيس غيرقانوني طريقي سان هٿ ٺوڪين ڪيسن ۾ گرفتار ڪيو ويو هو.
اسد قيصر چيو ته پنج آگسٽ تي مهانگائي ۽ عمران خان سميت پي ٽي آءِ جي ٻين اڳواڻن جي آزادي لاءِ ملڪ گير احتجاج ڪيو ويندو.
You might also like