اوسلو ( ويب ڊيسڪ ) ناروي ڪپ ۾ پاڪستان اسٽريٽ چائلڊ فٽبال ٽيم کي پهرين ڪاميابي ملي وئي.
استور ڪلب پهرئين هاف ۾ سرسي حاصل ڪئي جيڪا پاڪستان اسٽريٽ چائلڊ ٽيم فوري طور گول ڪري ختم ڪري ڇڏي.
پاڪستان اسٽريٽ چائلڊ ٽيم ٻئي هاف ۾ ناروي جي استور ڪلب خلاف پنج گول اسڪور ڪيا.
قومي اسٽريٽ چائلڊ فٽبال ٽيم استور ڪلب کي 1-6 تان شڪست ڏني.
پاڪستان اسٽريٽ چائلڊ فٽبال ٽيم جي عبدالغني ٻه، عيسيٰ، جنيد، اويس ۽ مح۾د خان هڪ، هڪ گول اسڪور ڪيو.
قومي اسٽريٽ چائلڊ فٽبال ٽيم پنهنجي ٻي ميچ سڀاڻي ڪوارڊينسيٽ فٽبال ڪلب خلاف کيڏندي.
You might also like