سنجي دت وٽ ڇا ڇا آهي، اداڪار جي اثاثن جا تفصيل سامهون اچي ويا

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ اداڪار سنجي دت جي اثاثن جا تفصيل سامهون اچي ويا آهن جنهن موجب سندس ڪُل اثاثن جي ماليت اڍائي سئو ڪروڙ ڀارتي پيا آهي.
بالي ووڊ اداڪار سنجي دت سڀاڻي پنهنجي 65 هين سالگرهه ملهائيندو، سندس ڳاڻيٽو بالي ووڊ جي پهرئين جوڙ جي ادارن ۾ ٿيندو آهي.
سنجو بابا جي نالي سان مشهور اداڪار پنهنجي ڪيريئر دوران ڪيئي سپر هٽ فلمن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا هو ايڪشن ويندي ڪاميڊي تائين هر ڪردار نڀائي چڪو آهي.
سنجي دت ويجهڙائي ۾ ڪئنسر جي جهڙي موذي مرض خلاف ويڙهه ۾ فتح ماڻي ۽ هڪ ڀيرو وري اداڪاري جي ميدان ۾ قدم رکي چڪو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، سنجي دت شاهاڻي زندگي گذاري ٿو ۽ سندس اثاثن جي ڪُل ماليت اڍائي سئو ڪروڙ ڀارتي رپيا آهي، سندس ممبئي جي پوش علائقي پالي هل ۾ هڪ وڏو اپارٽمينٽ آهي.
رپورٽس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اداڪار وٽ لگذري گاڏيون به آهن جن ۾ رولز روئس، رينج روور، فراري، اوڊي ۽ بي ايم ڊبليو شامل آهن جن جي ماليت ڪروڙين ۾ آهي، وٽس لگزري گهڙيون، ڊيزائنر چشما ۽ قيمتي زيور به آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.